دُور ٿيندا وڃن جوڳيئڙا

دُور ٿيندا وڃن جوڳيئڙا

دُور ٿيندا وڃن جوڳيئڙا

دُور ٿيندا وڃن جوڳيئڙا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري شاعر ۽ اديب عادل سخيراڻيءَ جي شخصيت تي لکيل آهي، جيڪو نامور اديب محمد ملوڪ لنڊ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ عادل سخيراڻيءَ ڏانهن تي لکيل فقير محمد لاشاري،ڊاڪٽر سليمان شيخ، جوهر بروهي، حميد سنڌي، نواز رڪڻائي، نصير سارنگ، لهڻي خان، سارنگ جمالي، عزيز ڪنگراڻي، بشير سيتائي، رضيه عادل، ايس. نسيم ميمڻ، ذوالفقار گاڏهي ۽ ٻين اديبن شاعرن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جا رايا ۽ تاثرات شامل آهن. ٻئي حصي ۾ مختلف شاعرن جي شاعري ڀيٽا طور ڏني وئي آهي. ٽئين حصي ۾ شهيد عادل سخيراڻيءَ جون لکڻيون، ٽي وي ڊراما، ڪهاڻيون، تاثر ۽ شاعري وغيره شامل آهي. چوٿين حصي ۾ شهيد عادل سخيراڻيءَ پاران مختلف علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي پروگرامن جي ڪيل رپورٽنگ ڏني وئي آهي. پنجين حصي ۾ عادل سخيراڻيءَ ڏانهن دوستن جا لکيل ۽ سندس خط ڏنا ويا آهن. ڇهين حصي ۾ شهيد جا مختلف مسئلن تي جاري ڪيل پريس بيان ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ستين حصي ۾ سندس قتل کانپوءِ ٿيل احتجاجن ۽ هڙتالن جو رڪارڊ ڏنو ويو آهي. 550 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 500 رپيا آهي ۽ سيف الملوڪ پبليڪيشن دادوءَ طرفان ڇپايو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو